سنڌ

قمبر جي علائقي جاگير ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ چڱو مڙس قتل

قمبر جي جاگير واري علائقي غيبي ديرو ٿاڻي جي حد ۾ زيرو پوائنٽ وٽان چانڊيا برداري جي قاسماڻي پاڙي جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳوٺ جو چڱو مڙس مولا بخش چانڊيو قاسماڻي مارجي ويو. مارجي ويل مولا بخش چانڊيو قاسماڻي پاڙي جو نيڪ مرد هو، فائرنگ ڪندڙ ڌر سندس ماما ٻڌايا پيا وڃن. ڌرين ۾ گذريل ٻن سالن کان ٿوري گهڻي معاملي تي چڪريون ٿينديون رهيون هيون. سال اڳ مقتول مولا بخش چانڊيو جي ننڍي ڀاءُ صابر حسين کي پڻ فائرنگ ڪري سخت مرڻينگ ڪيو ويو هو، جنهن جو پڻ فيصلو ٿي چڪو هو ۽ 7 مهينا اڳ ساڳئي ئي مقتول جي سوُٽ ظهور احمد چانڊيو کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ٻئي ڌر جو سراج چانڊيو به قتل ٿي ويو هو، جنهن جو نبيرو نه ٿي سگهيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ واقعو پيش آيو آهي. ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن قرآن پاڪ وچ ۾ آڻي فائرنگ روڪرائي ڇڏي، جڏهن ته غيبي ديرو ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش تحويل ۾ کڻائي اسپتال پهچايو، جتي ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. مڙهه ڳوٺ رئيس محمد حسن چانڊيو پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته واقعي کانپوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ آهي. ٻئي طرف واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي گرفتاري عمل اچي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button