سنڌ

جيڪب آباد ۾ جهيڙي دوران ٻن ڀائرن جي هڪٻئي تي فائرنگ، والده قتل

جيڪب آباد ويجهو ملڪيت تان سڳا ڀائر وڙهي پيا، هڪٻئي مٿان فائرنگ دوران پٽن کي ڇڏائڻ لا آيل ما گولين جي کاڄ بڻجي وئي. خبر موجب جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاهل خان جکراڻي ۾ سڳن ڀائرن لياقت جکراڻي ۽ محمد علي جکراڻي ملڪيت جي معاملي تان وڙهي پيا. نتيجي ۾ ٻنهي ڀائرن ھڪٻئي مٿان هٿيار تاڻي فائرنگ ڪري ڏني، جڏهن ته پيرسن ماءُ ثمينا زال شاهل جکراڻي پٽن ۾ ٿيل جهيڙي کي ٽارڻ لاءِ وچ ۾ پئي ته ٻنهي پٽن جي گولين جو کاڄ بڻجي مارجي وئي. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو، جڏهن ته جوابدار ٿڏي تان فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ آباد پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳوٺ شاهل خان جکراڻي ۾ سڳن ڀائرن لياقت ۽ محمد علي جکراڻي ۾ ملڪيت تان جهيڙو ٿي پيو، ٻنهي ڀائرن هڪٻئي مٿان بندوق ۽ پسٽل تاڻي ورتا ته پيرسن امڙ وچ ۾ پئي، ٻنهي جوابدارن جي فائرنگ ۾ گوليون سندن ما ثمينا کي لڳيون ته هو ٿڏي تي فوت ٿي وئي. جڏهن ته جوابدار واردات کانپوءِ فرار ٿي ويا. عورت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد پٽ خادم جکراڻي جي حوالي ڪيو ويو. جنهن تدفين بعد ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ چيو آهي، وارثن جي اچڻ کانپوءِ واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button