پاڪستان پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو) ڪراچي ڊويزن آرگنائزنگ ڪاميٽي جي طرفان مھانگائي، بيروزگاري، بدامني جي خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو ويو، جنھن ۾ ڪراچي ڊويزن جي آرگنائيزر، ضلعن جي عھديدارن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ تبديلي سرڪار جي موجوده مهانگائي عوام جي زندگي برباد ڪري ڇڏي آهي، سنڌ حڪومت چوڏهن سالن کان قبضا گيري ۽ ڪرپشن کان سواءِ عوام کي ٻيو ڪجهه نه ڏئي سگهي آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين، ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين سڄي سنڌ ۾ عوام کي تعليم، صحت ۽ روزگار کان بي دخل ڪيو ويو آهي، عوام کي اجها ڏيڻ بدران واھن ۽ شاخن جي ڪنارن تي ويٺل عوام کي بي گھر ڪيو ويو، وڏيرا شاھي ۽ جاگيرداري کي مضبوط ڪيو ويو، ھاڻي ماڻھن کي قتل ڪيو ٿو وڃي، پوري پاڪستان کان سنڌ ۾ اٽو، کنڊ گيهھ ھٿرادو مهانگا ڪيا ويا آهن، روزانو جي بنياد تي استعمال ٿيندڙ شيون آسمان تي پھچائي آئي ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ کي خوش ڪيو پيو وڃي.
اڳواڻن چيو ته عوام کي ذلتن جو بار کڻڻ بدران اهو لاهڻ گهرجي ۽ رستن تي نڪرڻ گهرجي.