پاڪستانسنڌ

حڪمران ٽولي پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ نيب تي حملو ڪيو:سراج الحق

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪمران ٽولي پنهنجي ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ آرڊيننس ذريعي نيب تي حملو ڪيو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي اليڪشن ڪميشن جو موقف آئين جمهوريت ۽ عوام جي مفاد ۾ آهي، ڊجيٽل ڌانڌلي تي حڪومتي ڪوششون بي نقاب ٿي ويون آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار حيدرآباد ۾ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ سولنگي برادري جي سردار زبير خان سولنگي جي جماعت اسلامي ۾ شموليت لا حيدرآباد ۾ ڪوٺايل عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ ظالم جاگيردارن ۽ ڪرپٽ سرمائيدارن جي قبضي ۾ آهي، پي ڊي ايم ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڪو به فرق ناهي، ٻئي آ ايم ايف جي حڪمن تي هلن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button