مفتي اعظم پاڪستان ۽ جامعه دارالعلوم ڪراچي جو صدر مولانا مفتي محمد رفيع عثماني لاڏاڻو ڪري ويو آهي، هو مفتي تقي عثماني جو وڏو ڀا ۽ مرحوم مفتي اعظم پاڪستان مفتي شفيع عثمان جو پٽ هو. مرحوم مفتي رفيع عثماني وفاق المدارس العربيا پاڪستان جو سرپرست به هو. مفتي رفيع عثماني 21 جولائي 1936ع تي ديوبند ۾ پيدا ٿيو. ٻئي طرف سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري مفتي محمد رفيع عثماني جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ديني تعليم کي هٿي ڏيارڻ لا مفتي صاحب جون خدمتون بي مثال آهن، مفتي رفيع عثماني جي وفات نه رڳو پاڪستان پر سڀني مسلمان ملڪن لا عظيم نقصان آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close