پاڪستان

نوازليگ وزيراعظم شهباز شريف جي وائرل وڊيو بابت وضاحت جاري ڪري ڇڏي

پاڪستان مسلم ليگ (ن) وزيراعظم شهباز شريف جي سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو کي لنڊن ڪورٽ روم جي وڊيو قرار ڏيڻ جون حقيقتون سامهون آڻي ڇڏيون. ان حوالي سان (ن) ليگ جي آفيشل ٽيوتر اڪائونٽ جا جاري بيان ۾ چيو ويو ته گهڙي چور جو پروپيگنڊا سيل هميشه وانگر ڪوڙ ڦهلائڻ ۾ مصروف آهي هي وڊيو ڪنهن ڪورٽ روم جي نه پر شهبازشريف طرفان ڪيل جنوري 2020 جي پريس ڪانفرنس جي آهي، بيان ۾ چيو ويو ته تحريڪ انصاف جنهن جو ڪوڙو پروپيگنڊا ته پڪڙيو ويو آهي هاڻي هي ٻڌائي ته عمران خان اڍائي ارب جي گهڙي ڇو چوري ڪئي؟ واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي وزيراعظم شهبازشريف جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي هئي ۽ چيو پئي ويو ته مٿس لنڊن جي عدالت ۾ ڏنڊ هنيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button