اسلام آبادپاڪستان

آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ ٻوڏ بابت خرچن جا تفصيل طلب ڪري ورتا

اسلام آباد:عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان ۾ ٻوڏ بابت خرچن جا تفصيل طلب ڪري ورتا. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان کان ٻوڏ بابت خرچن جي تفصيلن سميت بحالي ۽ انفرا اسٽرڪچر جي نئين سر تعمير تي ايندڙ خرچن جا تفصيل گهريا آهن. ذريعن موجب آءِ ايم ايف چيو آهي پاڪستان ٻڌائي ته ٻوڏ بحالي ۽ نئين سر تعمير تي هلندڙ سال ڪيتري رقم خرچ ٿيندي؟ نئين سر تعمير ۾ آبادڪاري جا ڪيترا منصوبا آهن؟ آءِ ايم ايف طرفان طلب ڪيل تفصيلن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گهرن ۽ روڊن جي نئين سر تعمير تي خرچن جا ڌار ڌار تفصيل ڏنا وڃن. ذريعن موجب ناڻي واري وزارت ايندڙ هفتي سمورا تفصيل آءِ ايم ايف کي فراهم ڪندي، تفصيلن جي فراهمي کانپوءِ آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان ۾ ٻيهر ڳالهيون ٿينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button