اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

هڪ هفتي ۾ مرچ،بصر سميت کاڌي پيتي جون 23 شيون مهانگيون

اسلام آباد: ملڪ ۾ مسلسل پنجين هفتي مهانگائي جي شرح ۾ واڌ ٿي، هفتيوار مهانگائي جي شرح 0 ڏهائي 62 سيڪڙو وڌي وئي. سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 28 ڏهائي 67 سيڪڙو آهي. ڳڻپ کاتي هفتيوار مهانگائي جي حوالي سان رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن موجب مهانگائي ۾ 0 ڏهائي 62 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ مجموعي طور تي ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 28 ڏهائي 67 سيڪڙو ٿي وئي آهي. ڳڻپ کاتي موجب گذريل هفتي 23 عام واهپي جي شين جا اگهه وڌيا ۽ 13 شين جي اگهن ۾ لاٿ ٿي، گذريل هفتي ڪڪڙ جو گوشت، بصر، بيضا، پٽاٽو، ڳاڙها مرچ، لوڻ ۽ ڪاٺيون مهانگيون ٿيون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل هفتي ٽماٽو، مهري دال، گيهه، ماش جي دال، مڱن جي دال، ڪوڪنگ آئل، ٿوم ۽ ڪڻڪ جو اٽو سستو ٿيو. ڳڻپ کاتي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته گذريل هفتي 15 عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button