اسلام آبادپاڪستان

عمران خان کي چئو ته قانون جي پاسداري ڪري:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ عمران خان کان حڪومت طرفان جمع ٿيل دستاويزن تي جوابي موقف طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته عمران خان کي چئو ته قانون جي پاسداري ڪري. سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف توهين واري ڪيس جي شنوائي ٿي. گهرو وزارت جي وڪيل دليل ڏنا ته جواب داخل ڪيو آهي، گڏوگڏ يو ايس بي به جمع ڪرائي آهي. ثابت ٿو ٿئي ته لانگ مارچ جو هدف ڊي چوڪ وڃڻ هو، موبائل سروس بند نه هئي. لانگ مارچ جي ڪنٽينر تان سوشل ميڊيا تي پوسٽون ٿينديون رهيون، انهن جي پنهنجي اڪائونٽن تان ٽوئيٽ ٿيندا رهيا آهن. عدالتي آرڊر ڪجهه دير کانپوءِ سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي ويو هو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته توهين عدالت جي اختيار جي استعمال بابت محتاط آهيون پر سپريم ڪورٽ ان بابت به محتاط آهي ته اسان جي حڪمن جي ڀڃڪڙي نه ٿئي. توهان جو دليل آهي ته عدالتي حڪم نامو ميڊيا ۽ پوءِ سوشل ميڊيا ذريعي سڄي ملڪ تائين پکڙجي چڪو هو. عدالت گهرو وزارت جو متفرق جواب ۽ يو ايس بي جي ڪاپي عمران خان کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته گهرو وزارت متفرق جواب سان واڌو مواد جمع ڪرايو آهي، جنهن ۾ اسڪرين شاٽس ۽ ٽوئيٽس سميت ٻيو مواد چيڪ ڪيو ويو. ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان درخواست ڪئي ته پي ٽي آءِ وري لانگ مارچ آڻي رهي آهي، ان کي پرامن رهڻ جي هدايت ڪيو ۽ قانون جو پابند بڻايو. چيف جسٽس چيو ته توهين عدالت ڪيس ۾ اهڙو آرڊر نٿا پاس ڪري سگهون، ائين ٿا ڪيون ته سلمان اڪرم راجا کي چئي ٿا ڇڏيون سندس اصيل قانون جي پابندي ڪري، پنهنجي اصيل کي چئي ته جيڪو ڪرڻو آهي قانون موجب ڪري. عدالت ڪيس جي وڌيڪ شنوائي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button