اسلام آبادپاڪستان

15 ملين ٻار هر سال وقت کان اڳ پيدا ٿين ٿا:صحت جو عالمي ادارو

اسلام آباد :صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته 15 ملين ٻار هر سال وقت کان اڳ پيدا ٿيندا آهن، سڄي دنيا ۾ پنج سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي موت جو سڀ کان وڏو سبب وقت کان اڳ پيدائش آهي. صحت واري عالمي اداري مان جاري تفصيلن موجب عالمي سطح تي 15 ملين ٻار وقت کان اڳ پيدا ٿي ويندا آهن. ان سلسلي ۾ وقت کان اڳ پيدائش لاءِ پهرين عالمي بيداري ڏينهن 17 نومبر تي يورپي والدين جي تنظيمن 2008ع ۾ بڻايو هو، ان کي 2011ع کان وقت کان اڳ پيدائش جي عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. ان کانپوءِ هي سڄي دنيا ۾ ساليانو ملهائڻ جي شڪل اختيار ڪري ويو، والدين جي گروپ، خاندان، صحت جي پيشيوراڻي ماڻهن، سياستدانن، اسپتالن، تنظيمن ۽ وقت کان اڳ پيدائش ۾ شامل ٻين اسٽيڪ هولڊرز هن ڏينهن کي ميڊيا مهمن، مقامي تقريبن ۽ مقامي، علائقائي، قومي يا عالمي سطح تي ڪيل ٻين سرگرمين سان ملهائيندا آهن ته جيئن عوام ۾ شعور بيدار ڪري سگهجي. پاڪستان ۾ هر سال لڳ ڀڳ ساڍا 7 لک ٻار مقرر وقت کان اڳ پيدا ٿيندا آهن جنهن جي ڪري انهن جي زندگين کي خطرا وڌي ويندا آهن. وقت کان اڳ ٻارن جي پيدائش جي شرح جي حوالي سان پاڪستان 184 ملڪن جي فهرست ۾ چوٿين نمبر تي آهي. وقت کان اڳ پيدائش جي شرح ۾ گهٽتائي سان ٻارن جي موت ۾ نمايان گهٽتائي ممڪن آهي، هن چيو ته مقرر وقت کان پهرين پيدا ٿيندڙ ٻارن جي زندگي کي بچائڻ لاءِ گهٽ خرچ ۽ آزمايل طريقا موجود آهن، پاڪستان ۾ ٻارن جي وقت کان اڳ پيدائش هڪ ڳڻتي جوڳو مسئلو آهي ان مسئلي جو هڪ سبب غربت ۽ مناسب طبي سهولتن جي کوٽ پڻ آهي. حمل دوران عورتون پنهنجو طبي معائنو وقت تي ڪرائين ته ٻارن جي وقت کان اڳ پيدائش کي روڪڻ ۾ مدد ملندي. حمل دوران عورتن کي گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا ڪنهن تربيت يافته طبي ماهر وٽ معائني لاءِ ضرور وڃڻ گهرجي. هن چيو ته ڪيترائي اهڙا طريقا آهن ۽ دوائون دستياب آهن جنهن جي مدد سان وقت کان اڳ پيدائش جي شرح ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي، مختلف شيون آهن، جنهن سان وقت کان اڳ پيدائش کي روڪي سگهجي ٿو. اسرندڙ ملڪن ۾ پنج سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي موت جو سبب وقت کان اڳ پيدائش سبب پيدا ٿيل طبي پيچيدگيون آهن، هن چيو ته پاڪستان ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي حوالي سان سمورين وڏين سرڪاري اسپتالن کانسواءِ بنيادي صحت مرڪزن ۾ خصوصي انتظام ڪيا پيا وڃن ته جيئن ماءُ ۽ ٻار جي زندگين کي بچائي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button