سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت ٻارن جي بھترين مستقبل لاءِ ڪوشش ڪري رھي آھي ۽ ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ سندس حڪومت ڪيترائي موثر اپاءَ ورتا آھن. اھا ڳالهھ ھن ٻارن جي عالمي ڏينھن جي مناسب سان وزيراعليٰ ھائوس مان جاري ڪيل سندس بيان ۾ ڪئي. وڏي وزير وڌيڪ چيو تھ اڄ سنڌ ۽ پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ ٻارن جو عالمي ڏينھن ملھايو پيو وڃي. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ عالمي ڏينھن ملھائڻ جو مقصد ٻارن جي فلاح بھبود لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ڪرڻ آھي. ھن چيو تھ ٻار قوم جي روشن مستقبل جي ضمانت آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ سنڌ حڪومت ٻارن کي بدسلوڪي ۽ تشدد کان بچائڻ لاءِ پرعزم آهي. وڏي وزير چيو ته ٻارن ۾ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. هن وڌيڪ چيو ته سماجي ۽ معاشي مسئلن جي باوجود سندس حڪومت ٺوس قدم کنيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close