سنڌ

چانڊڪا اسپتال ۾سهولتن جي کوٽ ۽ مبينا ڪرپشن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو ايڪشن ڪاميٽي پاران لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ مبينا ڪرپشن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ڪاليا کوسو، جاويد علي ٽڳڙ، وشال ملاڻي، شير خان کوسو، بابر سولنگي، نويد علي کوسو، گلزار علي کٽياڻ، گلشير احمد بروهي ۽ ٻين الزام لڳايو ته چانڊڪا اسپتال ۾ سرڪاري دوائن جي اسٽورن جا انچارج محمد علي شيخ ۽ عارف عباسي ڪوڙا بل ٺاهي سنڌ سرڪار کان دوائن جي مد ۾ غيرقانوني ڪروڙين روپيا وٺي رهيا آهن، جن پنجاب صوبي جي لاهور جي مختلف جعلي ڪمپنين سان معاهدو ڪري لاڙڪاڻي ۾ جعلي دوائون گهرائڻ واري ڪڌي عمل ۾ ملوث آهن انهن تازو جعلي ڪمپنين کان دوائون گهرائي 40 ڪروڙ ورتا جن جا ثبوت اسان وٽ موجود آهن. هنن الزام لڳايو ته جعلي ڪمپنين جي دوائن جي استعمال سان اسپتالن ۾ ايندڙ مريض صحتياب ٿيڻ بدران مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي زندگي جي جنگ هارائي ويهن ٿا، اهڙو رڪارڊ سرڪاري اسپتالن ۾ موجود هئڻ باوجود ادارا خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جنهن سان قيمتي جانين کي خطرو وڌي ويو آهي. اسان نيب چيئرمين ۽ اينٽي ڪرپشن کاتي جي صوبائي وزير کي اپيل ٿا ڪريون ته چانڊڪا اسپتال جي ڪميشن خور ۽ ڪرپٽ جعلي بل ٺاهيندڙ انچارجن کي هٽائي ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي هڙپ ڪيل پئسو واپس ڪرائي مريضن کي علاج جون معياري سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي چانڊڪا اسپتال جي نئين حادثن واري شعبي جي امڪاني افتتاح جي موقعي تي سندس آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button