سنڌ

سنڌ ۾ ڪمند جو اگهه ٽي سئو ٻه رُپيا في مڻ مقرر

سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪمند جو في مڻ اگهه 302 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. زراعت بابت صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪمند جو اگهه 302 رُپيا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن نوٽيفڪيشن به اڄ ئي جاري ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ شگر ملز هلي رهيون آهن، سنڌ سرڪار پنجاب کان وڌيڪ ڪمند جو اگهه مقرر ڪيو آهي. صوبائي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته آبادگارن ۽ هارين کي ٻڄ لاءِ في ايڪڙ پنج هزار رُپيا ڏيڻ وارو طريقيڪار پڻ جاري ڪيو ويو آهي ۽ تپي جي سطح تي ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن. ٻئي پاسي سنڌ آبادگار بورڊ 302 رپيا اگھه مقرر ڪرڻ وارو سنڌ حڪومت جو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ آبادگار بورڊ جو چوڻ آهي ته سرڪار 302 رپيا اگهه مقرر ڪري زيادتي ڪئي، اسان 321 رپيا اگهه مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، سنڌ حڪومت 321 رپيا في مڻ اگهه مقرر ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button