سنڌ

چڪ ويجهو ٻن مغوين کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي، احتجاج جو اعلان

چڪ ويجهو اغوا ٿيل ٻن ڄڻن کي ڇهين ڏينهن به پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي. جي يو آئي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو چتا ڏيئي ڇڏيو. چڪ ويجهو چڪ ٿاڻي جي حد محمدآباغ ڳوٺ ٻاهران 6 ڏينهن اڳ ڪچي ۾ زمين کي پاڻي ڏيندي اغوا ٿيل سومرا برادري جا 2 ڄڻا بازياب نه ٿي سگهيا. شڪارپور پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ لا ڇهين ڏينهن به ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. مغوين جي گهرن ۾ بدستور ڪهرام متل آهي، جڏهن ته مغوين جون امڙيون روئي روئي بيحال ٿي ويون. مغوي طاهر سومرو جي ڀا ڊاڪٽر بهاذر سومرو ۽ جي يو آئي جي مولانا بهاوالدين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته شڪارپور ۾ جي يو آ جي پاور شو دوران مولانا فضل الرحمان واقعي جو نوٽيس ورتو هو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي 5 ڏينهن اندر مغوين جي بازيابي جو الٽيميٽم ڏنو هو، جيڪو سڀاڻي پورو ٿي ويندو، اسان جا نوجوان اڃا تائين بازياب ناهن ٿي سگهيا. جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر نوجوان بازياب نه ٿيا ته جي يو آئي جي پليٽ فارم تان مغوين جي بازيابي لا پوري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري روڊ بند ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button