بدين ۾ جهنگلي جيوت کاتي جي نااهلي سبب سائبيريا جي مهمان پکين جو غير قانوني شڪار شروع ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته سامونڊي پٽي جي مختلف علائقن زيرو پوائنٽ احمد راڄو، ڀڳڙا ميمڻ، احمد راڄو سيراڻي جي آس پاس قدرتي ۽ زمينداري ڍنڍن تي پرديسي پکين جي آمد بعد بندوق، ڄار ۽ ايم پي ٿري ذريعي شڪار جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. جهنگلي جيوت کاتي جي اهلڪارن جي نااهلي سبب نه صرف شڪار جاري آهي پر بي رحم شڪاري شڪار ڪيل پکين جون تصويرون به سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري رهيا آهن. تازو بدين شهر جي هڪ زميندار ڳوٺ جهالار ڀرسان پرديسي پکين جو غير قانوني شڪار ڪرڻ بعد ان جون پنهنجي معصوم پٽ سان گڏ تصويرون ڪڍي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيون آهن. ياد رهي ته هن سال ٻوڏ سبب جهنگلي جيوت بچا کاتي طرفان پوري صوبي ۾ جهنگلي جيوت جي هر قسم جي شڪار تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي پر بدين ۾ جهنگلي جيوت کاتي جي اهلڪارن جي ملي ڀڳت سان شڪارين ان حڪم کي حوا ۾ اڏائي ڇڏيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close