اڳوڻي ايم پي اي سيد شفيق شاهه بخاري سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون. مختلف ڳوٺن جا دورا ڪري اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ شاگردن ۽ عوام کي ملندڙ سھولتن جو جائزو ورتو، گورنمينٽ ڊسپينسري کي دوائن جا عطيا ڏنا. سجاول جي اڳوڻي ايم پي اي سيد شفيق شاهه بخاري ٽيماڻي ۾ ماڊل وليج سان گڏ اسپتال ۽ مختلف اسڪولن جو دورو ڪيو، جنھن ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول اوڀاڙا، گورنمينٽ پرائمري اسڪول گل محمد ۽ گورنمنٽ ڊسپينسري شير علي شاهه شامل آھن. ان موقعي تي سيد شفيق شاهه بخاري اسڪولن ۾ استادن ۽ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي جي محنتن ۽ فرض شناسي کي ساراهيو ۽ استادن ۽ ڊاڪٽرن جي بھترين ڪارگردگي تي شاباس ڏني. اڳوڻو ايم پي اي شفيق احمد شاهه بخاري گورنمينٽ ڊسپنسري ۾ عوام لاءِ مختلف بيمارين جي دوائن جا 10 ڪارٽون عطيو پڻ ڏنا. ان موقعي تي سيد شفيق احمد شاهه بخاري چيو ته اسان کي پنھنجن اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين ادارن جي مالڪي ڪرڻ گھرجي ته جيئن سرڪاري ادارن مان عوام کي سٺي طريقي سان لاڀ حاصل ٿي سگھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close