سنڌ

قمبر ويجهو زمين جي مالڪي تان فائرنگ ۾ 2 ڀائر قتل، لاش رکي ڌرڻو

قمبر ويجهو ڳوٺ عيسى ڪلهوڙي ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 نوجوان سڳا ڀائر قتل ۽ هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو. قمبر ويجهو ڳوٺ عيسى ڪلهوڙو ۾ زمين جي تڪرار تان ميمڻ ۽ ڪلهوڙا ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳوٺ ڇڄڙا واسي ٻه سڳا ڀائر نوجوان عزيز ميمڻ ۽ طفيل ميمڻ پٽ حاجي بشير ميمڻ ٿڏي تي قتل ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو شعيب ميمڻ سخت زخمي ٿي پيو. واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي مقتولن جا مڙهه ۽ زخمي کي کڻائي قمبر سول اسپتال منتقل ڪيو. جڏهن ته زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي نيو ويو. ٻئي طرف واقعي خلاف ٻنهي مقتولن ڀائرن جا مڙهه وارثن کڻائي لاڙڪاڻي روڊ تي رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو. جنهن ڪري ڪيترائي ڪلارڪ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي مقتولن جي وارثن غلام شبير ميمڻ، زبير ميمڻ، ذوالفقار ميمڻ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڪالهه ڪلهوڙو برداري جي ماڻهن سان اسان جو جهيڙو ٿيو هو، جنهن جو ڪيس سٽي ٿاڻي تي داخل ڪرايو ۽ پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار به ڪيو هو پر سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي ڳري رشوت وٺي جوابدارن کي رات دير سان آزاد ڪري ڇڏيو هو، صبح سان ئي زمين ڏانهن ويندڙ عزيز ميمڻ، طفيل ۽ شعيب مٿان بااثر ارباب ڪلهوڙو پنهنجي هٿياربندن ساٿين سان گڏجي ڇتي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ عزيز ۽ طفيل ٿڏي تي قتل ٿي ويا ۽ شعيب سخت زخمي ٿي پيو. ڌرڻي ختم ڪرائڻ لاءِ ڊي ايس پي قمبر منظور جوکيو ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون، جن ڊي ايس پي کان مطالبو ڪيو ته مقتول جي ايف آئي آر ۾ ايس ايڇ او قمبر سٽي طفيل احمد احمداڻي ۽ وڏي منشي جا نالا لازمي شامل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ هو ڌرڻو ختم نه ڪندا. ڊي ايس پي قمبر منظور جوکيو ڌرڻي وارن کي انصاف جي خاطري ڪرائيندي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button