سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سني رابطا ڪميٽي پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي

پاڪ فوج جي حمايت ۾ سني رابطا ڪاميٽي ضلعي پاران جامعه مسجد حيدر قرار اناج منڊي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن محمد پريل شاهه، مولانا وارث علي حيدري، دلبر جتوئي، حافظ محمد يوسف فاروقي، عبدالغني تونيو ۽ ٻين چيو ته اسان پاڪ فوج جي جوانن جي بهادري کي سلام پيش ڪيون ٿا جن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي ملڪي سرحدن جي حفاظت ڪئي آهي. هنن چيو ته اسان پاڪ فوج ۽ پاڪستان جي سالميت لاءِ دعاڳو آهيون. جيڪڏهن ڪوبه دشمن پاڪستان جي طرف ميري اک سان ڏسندو ته ان جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين. اسان پاڪ فوج سان هر وقت ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺا آهيون ۽ مرڻ گهڙي تائين گڏ هونداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button