سنڌ

چڪ ويجهو هفتو اڳ اغوا ٿيل 2 نوجوان بازياب نه ٿيا، وارثن جو احتجاج

چڪ ويجهو محمدآباغ ڳوٺ ٻاهران اغوا ٿيل 2 نوجوان هفتو گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيا. وارثن ۽ جي يو آئي اڳواڻن ميراڻي باغ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. چڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمدآباغ ٻاهران 8 ڏينهن اڳ نامعلوم هٿياربندن هٿان زمين کي پاڻي ڏيندي اغوا ٿيل ڳوٺ مبارڪپور واسي طاهر سومرو ۽ حماد الله سومرو کي پوليس اٺين ڏينهن به بازياب نه ڪرائي سگهي. مغوين جي گهرن ۾بدستور ڪهرام متل آهي. مغوين جي وارثن بهاذر سومرو، سياسي سماجي اڳواڻن هدايت الله سومرو، مولانا غلام الله مهر، شاعر غني غمدل، عبدالفتاح مهر، سعيد سومرو، ولي الله، ڊاڪٽر فياض دايو، عرض محمد کونهارو،غلام اصغر ڀيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾سومرا برادري جي منٺار سومرو، ڪامران سومرو، ساجد سومرو، عمر سومرو، عرفان سومرو، انور سومرو،عجن سومرو ۽ ٻين شڪارپور ۾ بينر کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي. ريلي ميراڻي باغ کان ٿيندي شڪارپور پريس ڪلب پهتي جتي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ان موقعي تي اڳواڻڻ ڳالهائيندي چيو ته مغوين کي 8 ڏينهن گذري ويا پر پوليس هن وقت تائين مغوين کي بازياب ڪرائڻ لا ڪو عملي قدم ناهي کڻي سگهي. هنن آرمي چيف، آ جي سنڌ، ڊي آ جي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ٻنهي مغوين کي آزاد ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button