سنڌ

جهل مگسي ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل

قبو سعيد خان ويجهو بلوچستان جي علائقي جهل مگسي ۾ ليويز ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاهه ولي گنسر ۾ زمين جي تڪرار تان گنسر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب محمد سومر پٽ غلام رسول گنسر ٿڏي تي قتل ٿي ويو. واقعي جي اطلاع تي جهل مگسي ليويز انتظاميا موقعي تي پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي جهل مگسي اسپتال کڻي وئي. جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش کي وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. رابطو ڪرڻ تي ليويز انتظاميا ٻڌايو ته ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿيو آهي، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button