سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ميل موبلائيزر ايڪشن ڪميٽي جو احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ ميل موبلائيزر ايڪشن ڪاميٽي سنڌ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن اربيلو گمبير، سيد رياض حسين شاهه، محمد حيات گولو، محمد اسماعيل لنجواڻي، حسام الدين شاهه، اياز علي سهتو، رضوان مٺاڻي، فراصت ابڙو، محمد عاقل ڀيو ۽ ٻين چيو ته پاپوليشن ويلفيئر کاتي ۾ 1998ع کان ميل موبلائيزر طور ڊيوٽي ڪري رهيا آهن پر جائز حقن کان محروم رکيو ويو آهي، جڏهن ته پاپوليشن ويلفيئر کاتي جا ڪجهه آفيسر ملازمن کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته گريجوئيٽ پاس سوشل ميل موبلائيزرن کي 14هون اسڪيل ۽ سروس اسٽرڪچر ڏيئي بيچيني ختم ڪئي وڃي، سوشل ميل موبلائيزرن کي 2013ع کان بيڪ بينيفٽ ڏيڻ سميت ٻيا مطالبا منظور ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button