سنڌ

چوهڙ جمالي ۾ منشيات روڪ تحريڪ جو احتجاجي مظاهرو

چوهڙ جمالي ۾ منشيات روڪ تحريڪ پاران منشيات خلاف چوهڙ جمالي پريس ڪلب کان مدني چوڪ تائين نثار ميمڻ، رشيد آزاد، قاري نجيب الله ميمڻ، محمد صديق ميمڻ، نظير هٿيار ڪاڪا. اشفاق ميمڻ، حاجي احمد لاکاٽيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سجاول ضلعي ۾ پوليس جي سرپرستي هيٺ منشيات وکر جيان هلي رهي آھي. منشيات وڪري نوجوان تباهي طرف ڌڪجي رهيو آھي پر پوليس منشيات بند ڪرائڻ عيوض ڳري منٿلين تي سرعام منشيات جو ڪاروبار هلائي رهي آھي. ايس ايس پي سيد امداد شاهه سجاول ضلعي کي منشيات جو ڳڙهه بڻائي ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي سجاول کي فوري طور هٽائي ضلعي کي منشيات کان پاڪ ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پوري ضلعي ۾ منشيات روڪ تحريڪ پاران احتجاجن جو سلسلو تيز ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button