سنڌ

نئون ديرو واسي مقتول نوجوان جي قتل ۾ ملوث 3 جوابدار گرفتار

نئون ديرو ويجهو سعدو ديرو لاڙي وٽ رائيس ڪئنال وٽ 18 ڏينهن اڳ قتل ڪيل نئون ديرو جي ڪٽپر محلي جو رهواسي نوجوان شرجيل ڪٽپر واري واقعي ۾ ملوث چئن مان ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪري ڇڏي. جڏھن ته مک جوابدار غلام المصطفي جوڻيجو پوليس کي ھٿ اچي نه سگهيو. جڏھن ته غلام المصطفي جوڻيجو جو ڀا عبدالخالق عرف اخلاص پٽ منٺار جوڻيجو سميت ٺل ڳوٺ واسي عبداللطيف پٽ عبدالعزيز جوڻيجو ۽ چوهڙ پور واسي امداد پٽ عبدالغني جوڻيجو ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آھي. پوليس موجب گرفتار جوابدارن پوليس کي نوجوان شرجيل کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪندي ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪرڻ ڄاڻايو آھي. پوليس موجب واردات ۾ استعمال ٿيل هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس ذريعن کان ڄاڻ ملي آھي ته روپوش جوابدار غلام المصطفي جوڻيجو مقتول شرجيل ڪٽپر وارن جو مائٽ ھو ۽ ھن جو اچڻ وڃڻ ھو. نئون ديرو پوليس موجب گرفتار جوابدارن اعتراف ۾ غلام المصطفي جوڻيجو پنھنجي زال سان ڪارنھن جو الزام مڙھي شرجيل کي قتل ڪيو آھي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو پڌرائي ۾ گرفتار ٽنھي جوابدارن کي مرڪزي قتل جا جوابدار ڪوٺيندي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آھي. مقتول جي چاچي محمد حسن ڪٽپر موجب جوابدار پاڻ بچائڻ لا ڪوڙا الزام ھڻي رھيا آھن پوليس جي جاچ مان مطمئن آھيون. اسان جي نوجوان کي بي گناهه قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button