سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ شهيد ڀٽو جو عنايت عمراڻي جي گرفتاري خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو پاران مرڪزي اڳواڻ عنايت علي عمراڻي جي گرفتاري خلاف اٺين ڏينهن به ڪينيڊي مارڪيٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي جناح باغ وٽ ٽائرن کي باهيون ڏيئي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي برڪت علي ميراڻي، جاويد لاهوري، شهباز ڀٽو، احسان مري، ولي محمد لاهوري، صدام جيسر، سرفراز کوکر، عاقب ڪاٺيو، لالو سرهيو، جاويد چانڊيو، مسلم سهڙو، عامر ڀٽو، امجد تونيو ۽ ٻين چيو ته سياسي بااثرن جي حڪم تي سڄي سنڌ سميت خصوصي طور لاڙڪاڻو اسپتالن ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ٿئي ٿي، صحت کاتي جي بجيٽ جا اربين روپيا زرداري هائوس تي پهچايا پيا وڃن جنهن ڪري لاڙڪاڻي جي اسپتالن ۽ ايمرجنسي جي وارڊ ۾ ماڻهو تڙپي تڙپي فوت ٿي رهيا آهن، جنهن جو تازو مثال عنايت عمراڻي جي ڀائيٽي آهي جنهن کي ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻو ايمرجنسي وارڊ ۾ نانگ جي ڪکڻ سبب داخل ڪرايو ويو علاج نه ڪرڻ سبب هو فوت ٿي وئي. هنن عدليا کي اپيل ڪئي ته عنايت عمراڻي مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي ۽ سندس ڀائيٽي جي قتل جو ڪيس ڊيوٽي ڊاڪٽرن مٿان داخل ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button