سنڌ

جيڪب آباد ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي

جيڪب آباد ۾ حاڪم علي ايري جي اڳواڻي ۾ ايري برادري جي سوين ماڻھن پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب کان ڊي سي چوڪ تائين ڪڊي وئي. ان موقعي تي حاڪم ايري چيو ته ملڪ دشمن عناصرن پاڪ فوج جي خلاف نفرت انگيز مواد ڦهلايو آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ ڪوڙيون آئي ڊيز ٺاهي عوام ۽ فوج ۾ نفرت وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته فوج اسان مان ۽ اسان فوج سان آھيون فوج کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏينداسين. هن چيو ته هر ڏکي وقت ۾ مها ٻوڏ هجي يا برسات ۽ زلزلن ۾ فوج عوام جي مدد ڪئي آھي ته اسان به پاڪ فوج سان هر ڏکي وقت ۾ گڏ آھيون ۽ رهنداسون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button