پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو لڳ نوجوان ٿريشر جي راڊ لڳڻ سبب فوت

ڇاڇرو: ڇاڇرو ويجهو ٿريشر جي راڊ لڳڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو. ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ روهيراڙو سميجا ۾ ٻني تي ڪم ڪندڙ 30 سالن جو نوجوان امام الدين پٽ قاسم سميجو کي ٿريشر مشين جي راڊ مٿي ۾ لڳي وئي، جنهن سبب نوجوان زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن اسپتال آندو، جتان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، پر نوجوان رستي ۾ فوت ٿي ويو. نوجوان جي سال اڳ شادي ٿي هئي، فوتي والده ۽ گهر جو واحد سهارو هو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button