سنڌ

پ پ شهيد ڀٽو پاران عنايت عمراڻي جي گرفتاري خلاف مظاهرا

پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو ۽ سپاف شهيد ڀٽو پاران مرڪزي اڳواڻ عنايت علي عمراڻي مٿان ڪيس داخل ڪري سندس گرفتاري ۽ ان جي ڀائٽي جو قتل ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ جاويد لاهوري، عبدالغفار راڌڻ، پي پي پي شهيد ڀٽو عمرڪوٽ جي ضلعي صدر ڀاڳومل ميگهواڙ، برڪت علي ميراڻي، لالو سرهيو، احسان مري، ارشاد چانڊيو، سجاد چانڊيو، زوهيب بروهي، مسلم سهڙو، نعيم ڀٽي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ٻئي طرف ڪشمور ۾ شهيد ڀٽو اڳواڻن ڪامريڊ بلاول غازي، علي گوهر، اسرار بلوچ منير بلوچ، مير محمد، خان محمد ۽ جهانگير لاشاري احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته شهيد ڀٽو اڳواڻ عنايت عمراڻي جي ڀائٽي پريسا عمراڻي کي نانگ ڏنگ هنيو هو جنهن کي لاڙڪاڻي جي اسپتال نيو ويو جتي نانگ ککڻ جي ويڪسين نه ڪرڻ سبب پريسا عمراڻي فوت ٿي وئي جنهن بعد شهيد ڀٽو اڳواڻ عنايت عمراڻي لاڙڪاڻي اسپتال اڳيان 12 ڪلاڪ احتجاجي ڌرڻو هنيو جنهن تي ايم ايس گلزار تنيو شهيد ڀٽو اڳواڻ عنايت عمراڻي مٿان ڏمرجي پيو ۽ لاڙڪاڻي ٿاڻي تي ايم ايس گلزار تنيو پاران دهشتگردي جا 2 ڪيس داخل ڪرايا جنهن بعد عنايت عمراڻي پنهجي ڪيسن جي ضمانت ڪرائي جڏهن ڪورٽ سڳوري حاضري تي پهتو ته سندس عدالتي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو. اختياريون نوٽيس وٺي شهيد ڀٽو اڳواڻ عنايت عمراڻي مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري آزاد ڪيو وڃي نه تن بي ضروت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button