پاڪستانسنڌ

عمران خان کي نيب جا هٿ ناهن لڳا،جلد جيل ۾ هوندو:شرجيل ميمڻ

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي نيب جيل وڃڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، سنڌ ۾ عمران خان مٿان عوام بيضن ۽ ٽماٽن جو وسڪارو ڪندو. رپورٽ مطابق پ پ جي 55هين يوم تاسيس جي سلسلي ۾ راول هائوس ۾ جلسي کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان سنڌ فتح ڪرڻ جي دعوى ته ڪري ٿو پر سنڌ جو عوام سندس بيضن ۽ ٽماٽن سان استقبال ڪندو، پهريان عمران خان ايماندار ٿيندو هو، هڪ نمبر جو چور نڪتو، هي پراڻو چور آهي، چندا چوري، مني لانڊرنگ هن ڪئي، قومي خزاني تي ڌاڙو هن هنيو، توشه خانه جو سامان هن کپائي ڇڏيو، گهڙي چوري ۾ به هن هيٽرڪ ڪئي، هاڻي چوي ٿو ته سوشل ميڊيا جي ماڻهن کي تنگ ڪيو پيو وڃي. پيڪا قانون هن پاڻ آندو، تو ڪنهن ڪنهن کي گرفتار نه ڪرايو، جيڪو عمران خان جي خلاف سياسي ڳالهه ڪندو هو، اهو ٻئي ڏينهن نيب هٿان گرفتار ٿي ويندو هو، توکي اڃا نيب جا هٿ ناهن لڳا، تون به انشاءِ الله جلد جيل ۾ هوندين. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتن کي گاريون عمران خان ڏنيون، ادارن تي حملا هن ڪرايا، ڇا هي شخص قانون کان مٿانهون آهي؟ قانون سڀني لاءِ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button