سنڌ

ڪراچي ۾ عورت ۽ سندس 3 ڌيئرون ڳلا ڪپي قتل،مڙس زخمي

ڪراچي جي علائقي ملير ۾ شمسي سوسائٽي جي هڪ گهر مان ڳلا ڪپيل 4 لاش هٿ آيا آهن. ايس پي شاهه فيصل موجب لڳي ٿو ته مڙس پنهنجي زال ۽ ٻارن کي قتل ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي.حادثي ۾ 3 ڇوڪريون ۽ هڪ عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته مڙس سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمي شخص جو ڳلو​پڻ ڪٽيل آهي.زخمي شخص جي سڃاڻپ فواد طور ٿي آهي، جيڪو پنهنجي گهر جي پهرين ماڙ تي رهندو هو. واقعي ۾ قتل ٿيلن جي سڃاڻپ هما، سندس ڌيئرن 16 ورهين جي نيها، 12 ورهين جي فاطمه ۽ 10 ورهين جي صبيحه طور ٿي آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي ڪورنگي ساجد سدوزئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فواد نالي شخص سيلز مئنيجر طور ڪم ڪري ٿو، جنهن پهريان پنهنجي زال ۽ ٽن ڌيئرن کي قتل ڪيو. ساجد سدوزئي چيو ته جوابدار فواد جي ماءُ موجب فواد جو سندس گهرواري سان جهيڙو معمول موجب هو، فواد جي گهرواري جو آواز ٻڌڻ تي گهر وارا مٿي چڙهي ويا، دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿي ويا. ايس ايس پي ڪورنگي چيو ته ڪو به آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو، شڪ آهي ته مارجي ويلن کي منشيات ڏني وئي هئي، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان قتل جو اوزار پڻ مليو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته دروازي جي ڪنڊي اندران بند هئي، جنهن جي ڪري شڪ آهي ته فواد پاڻ ئي واردات ڪئي آهي، جڏهن ته گهر جي مختلف ڪمرن مان لاش مليا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت وڌيڪ معلومات گڏ ڪري رهيا آهيون. ٻئي طرف جناح اسپتال ۾ مقتول جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس زخمي فواد جي حالت سڌرڻ جو انتظار ڪري رهي آهي ته جيئن سندس بيان به رڪارڊ ڪري سگهجي. گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڪامران ٽيسوري مقتولن جي مغفرت، درجن جي بلندي ۽ سوگوار پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ چيو ته واقعي جو ٻڌي کيس تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. گورنر سنڌ هدايت ڪئي ته ملوث عنصرن کي هر صورت ۾ قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button