اسلام آبادپاڪستان

گهٽ آمدني وارن کي قرض لاءِ ڪريڊٽ گارنٽي ٽرسٽ اسڪيم جي منظوري

اسلام آباد:وفاقي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) گهٽ آمدني وارن کي قرض فراهم ڪرڻ لاءِ ڪريڊٽ گارنٽي ٽرسٽ اسڪيم متعارف ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. تفصيل موجب ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ مختلف منصوبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اي سي سي گهٽ آمدني وارن کي قرض فراهم ڪرڻ لاءِ ڪريڊٽ گارنٽي ٽرسٽ اسڪيم متعارف ڪرائڻ جي منظوري ڏني. جڏهن ته سرڪاري پاور پلانٽس جي ادائيگين جي حل لاءِ 93 ڏهائي 44 بلين رپين جي ٽيڪنيڪل سپليمنٽري گرانٽ جي پڻ منظوري ڏني وئي. اها رقم 31 ڏهائي 15 ارب رپين جي ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي. اقتصادي رابطا ڪميٽي مختلف قسم جي تمباڪو جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي. جڏهن ته سوڊيم ڪاربونيٽ جي درآمد تي ريگيوليٽري ڊيوٽي 20 سيڪڙو کان گهٽائي 10 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اي سي سي فيلامينٽ يارن جي درآمد تي 5 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته هارين جي سهولت لاءِ ڪسان پيڪيج تحت زرعي ٽيوب ويلن جي بجلي جي قيمت 16 رپيا 60 پئسا في يونٽ مان گهٽائي 13 رپيا في يونٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جيڪو 1 نومبر 2022 کان لاڳو ٿيندو. اي سي سي ٻوڏ بابت آگاهي مهم لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي 2 ارب رپين جي اضافي گرانٽ ۽ هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت کي 20 ڪروڙ رپين جي سپليمنٽري گرانٽ ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button