سنڌ

ملڪ کي سليڪٽڊ نه اليڪٽڊ جمهوري حڪومتن جي ضرورت آهي:بلاول ڀٽو

چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو اهي ته 55 سالن تي ٻڌل پاڪستان پيپلزپارٽي جي جدوجهد بارآور ٿيڻ جي ويجهو آهي، ملڪ ۾ آئين جي بالادستي، مضبوط جمهوريت ۽ ايندڙ عام چونڊن کان پوءِ وفاق سميت چئني صوبن ۾ عوامي راڄ هوندو، پاڪستان پيپلزپارٽي جي 55هين پارٽي سالگرهه تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ پارٽي چيئرمين چيو ته ان جي جماعت ملڪ جي واحد سياسي جماعت آهي، جنهن جون پاڙون عوام ۾ موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي مشڪل حالتن جو جرئت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ سخت آزمائش وارين حالتن ۾ ملڪ ۽ قوم کي قيادت فراهم ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جمهوريت، انساني حقن ۽ برابري جي علمبردار آهي. آئين ۽ پارليمان جي بالادستي ۽ مساوات ۽ عوام جي خوشحالي اسان جو منشور آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته زنده قومون پنهنجي ماضي ۽ هال جو تنقيدي جائزو وٺنديون آهن، اسان کي به جماعت طور، رياست ۽ قوم پنهنجي پنهنجي سطح تي پنهنجي غلطين مان سکڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ کي آئينده سليڪٽڊ نه اليڪٽڊ جمهوري حڪومتن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن کي هي ملڪ، هن جو آئين ۽ جمهوريت سڀ کان وڌيڪ پيارو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان جي جماعت پنهنجي باني جي فلسفي ۽ منشور تي سختي سان عمل ڪري رهي آهي ته اسلام اسان جو دين آهي، سوشلزم اسان جي معيشت آهي، جمهوريت اسان جي سياست آهي ۽ طاقت جو سرچشمو عوام آهي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄوڪي ڏينهن هر جيالي کي اهو وچن ڪرڻو پوندو ته فڪر ڀٽو جي روشني ۾ عوام جي حق حاڪيمت عورتن جي آزادي، اقليتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ، جمهوري ادارن کي بااختيار ۽ طاقتور بنائڻ جي ذريعي ملڪ کي فلاحي ۽ مضبوط جمهوري رياست بنائڻ جي جدوجهد جاري رکندو. پ پ چيئرمين اهو عزم ورجايو ته سندس جماعت قائد عوام شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو کي ڏنل 1973 جي آئين تي ٿيندڙ هر حملي کي ناڪام بڻائيندي رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button