سنڌ

ڪرونا بجيٽ جي آڊٽ رپورٽ پيش،مشينري نجي اسپتالن حوالي ڪرڻ جو انڪشاف

سنڌ ۾ ڪرونا دوران خرچ ٿيل بجيٽ جي آڊٽ رپورٽ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وئي.آڊٽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي سي آر ڪٽس جي خريداري ۽ غير معياري هينڊ سيني ٽائيزر خريد ڪيا ويا، رپورٽ ۾ قيمتي طبي مشينري خانگي اسپتالن حوالي ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي.رپورٽ موجب 15 ڪروڙ 32 لک رپين جي غير معياري پي سي آر مشينون ۽ ڪٽس خريد ڪيون ويون، سول، جناح ۽ ٻين سرڪاري اسپتالن مان ڪٽس ۽ مشينون واپس ڪيون ويون پر لياقت يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز مان ڪٽس ۽ مشينون واپس نه ڪيون ويون.رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته آٽوميٽڊ ريئل ٽائيم پي سي آر سسٽم 15 ڪروڙ 83 لک رپين ۾ خريد ڪيو ويو، اهو سامان سرڪاري اسپتالن بدران خانگي اسپتالن جي حوالي ڪيو ويو، آءِ سي يو وينٽيليٽرز 21 ڪروڙ 68 لک رپيا مهانگي اگهه تي خريد ڪيا ويا. آڊٽ رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 22 ڪروڙ 23 لک رپين جون اڻ تصديق ٿيل غير طبي شيون خريد ڪيون ويون، 50 ڪروڙ رپين جون پي سي ڪٽس صحت کاتي کي فراهم ڪيون ويون، پي سي ڪٽس غير معياري طور تي واپس ڪيون ويون، پي ڊي ايم اي ساڍا 86 ڪروڙ رپين جون مختلف شيون خريد ڪيون، پي ڊي ايم اي پاران خريد ڪيل اهي شيون ڪووڊ ۾ گهربل نه هيون. تفصيلي آڊٽ رپورٽ ڪميٽي جي حوالي ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button