سنڌ

صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جي ملاقات

سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ايوان صدر اسلام آباد ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ وفاق جي تعاون، صوبي جي ترقي لاءِ وفاقي فنڊنگ، ڪراچي ۾ ميگا ڊيولپمينٽ پروجيڪت سميت ٻين مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي صوبي جي مختلف اسٽيڪ هولڊرز وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. گورنر چيو ته صوبي جي ترقي لاءِ وفاق جو تعاون ساراهه جوڳو آهي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي فنڊنگ جي ترقياتي منصوبن سان صوبي ۾ انفرااسٽرڪچر بهتر ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button