سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ زال کي قتل ڪندڙ جوابدار کي عمر قيد جي سزا

لاڙڪاڻي ۾ ماڊل ڪورٽ گهر واري جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. رپورٽ موجب لاڙڪاڻي جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن ۽ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج اميرالدين جي عدالت ۾ ٻه سال اڳ تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد خان ملگاڻي ۾ قتل ٿيل عورت حسينه ملگاڻي واري قتل ڪيس جي شنوائي ٿي، جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت مقتولا عورت جي مڙس ولي داد ملگاڻي کي عمرقيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. واضح رهي ته ٻه سال اڳ تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد خان ملگاڻي ۾ جوابدار ولي داد ملگاڻي گهرو اڻبڻت تان پنهنجي گهرواري حسينه ملگاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن واقعي جو ڪيس مقتولا عورت جي پٽ وحيد ملگاڻي جي فرياد تي ولي داد ملگاڻي ۽ هڪ نامعلوم جوابدار مٿان داخل ڪرايو هو، جنهن تي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو هو. ٻئي طرف سزا بعد جوابدار کي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button