سنڌ

شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي اٺين ورسي ملهائي وئي

لاڙڪاڻي ۾ شهيد اسلام شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي 8 هين ورسي جي موقعي تي سندس ڪيل خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪري ايثال ثواب لاءِ قرآن خواني ڪرائي وئي، جنهن ۾ قاري مبشر علي عباسي، مولانا بشير احمد ڀٽي، عبدالقادر چانڊيو، ثناءَ الله سيال ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جي يو آءِ ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري محبت علي کهڙو، مولانا محمد الياس چنا، مولانا جمال مصطفيٰ تونيو، مولانا حميدالله سيال ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شهيد اسلام جون خدمتون ناقابل فراموش آهن، سندس جانثار زنده آهن، سنڌ ڌرتي جي بهادر فرزند شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو پارٽي جو مثالي ليڊر هو جنهن جو پيغام حق ۽ سچ جو پيغام هو، جنهن تي سندس عظيم جدوجهد تي سلام پيش ڪريون ٿا. هنن چيو ته شهيدِ اسلام علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سنڌ جي جائز حقن جي حاصلات لاءِ هميشه جنگ جوٽي، اسلام ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي حقن خاطر جام شهادت ماڻي. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي خراج تحسين ۽ سلام پيش ڪريون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button