سنڌ

لاڙڪاڻو پوليس گم ٿيل نينگر هٿ ڪري وارثن حوالي ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو پوليس گم ٿيل 5 ورهين جي نينگر کي هٿ ڪري والدين حوالي ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ گذريل سومر ڏينهن لاڙڪاڻي جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد کٽاڻ بازار مان واري علائقي مان گم ٿيل پهرين ڪلاس جي شاگرد نينگر زين علي ميتلو کي مارڪيٽ پوليس باقراڻي ٽاور وٽان هٿ ڪري ورتو، جنهن کي پوليس سندس والد مکڻ جي واپاري امداد علي ميتلو حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي نينگر جي والد اي ايس پي سٽي عتيق الرحمٰن ميڪڻ، ايس ايڇ او سرتاج احمد جاگيراڻي ۽ پوليس ٽيم کي گلن جا هار پارائي سندن جون شڪريو ادا ڪيو. ان موقعي تي نينگر جي والد امداد علي ميتلو چيو ته منهنجو 5 ورهين جو پٽ زين علي گذريل سومر ڏينهن پاڙي مان گم ٿي ويو، جنهن سبب سمورا گهرڀاتي سخت پريشان هئاسين، جنهن کي پوليس پاران هٿ ڪرڻ تي لاڙڪاڻي پوليس جا ٿورائتا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button