سنڌ

لاڙڪاڻي مان مهينو اڳ مبينا اغوا ٿيل نياڻي جي وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي ڀينس ڪالوني واسي پيرسن زال مڙس مبينا اغوا ٿيل نوجوان ڌيءَ جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي پيرسن ننگر ابڙو گهر واري ساجدہ ابڙو سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته هڪ مهينو اڳ 19 آڪٽوبر تي ڪار ۾ سوار 3 هٿياربندن گهر ۾ گهڙي 15 ورهين جي نوجوان ڌيءَ حنا ابڙو کي اغوا ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو، جنهن واقعي جو ڪيس 4 جوابدارن مٿان حد جي رحمت پور ٿاڻي تي داخل ڪرايو پر مهينو گذرڻ باوجود پوليس ڌيءَ کي بازياب نه ڪرائي سگهي، جنهن جي زندگي کي خطرو آهي. هن چيو ته اسان غريب آهيون ڌيءَ جي اغوا بعد سمورا گهر ڀاتي سخت پيشاني ۾ مبتلا آهيون پر پوليس ڪاروائي لاءِ تيار ناهي ، يڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته ڌيءَ کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button