سنڌ

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺاڻي کان مبينا ڦر واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ زڪريه مھيسر جي رهواسين مبينا ڦر واري واقعي خلاف ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نوجوان ظهير مگسي وارثن لياقت، محمد يوسف، رمضان، ارباب، جاويد مگسي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته اڄ صبح جو منهنجو وڏو ڀاءُ صابر علي پلاٽ خريد ڪرڻ لاءِ 15 لک کڻي لاڙڪاڻي اچي رهيو هو ته ڳوٺ ملوڪ کهڙو ويجهو سم شاخ وٽ 5 موٽرسائيڪلن تي سوار ڦورن اڪبر، سرفراز، محب، علي دوست، مٺل، بلوچي مگسي سميت 15 هٿياربندن ڀاءُ جو رستو روڪي کيس تشدد جو نشانو بڻائي مرڻينگ ڪري کانئس 15 لک ڦري فرار ٿي ويا. واقعي بابت آريجا ڦيڙهو ٿاڻي تي دانهن ڏني پر پوليس ڪارروائي لاءِ تيار ناهي جيڪا وڏي زيادتي آهي. هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته ڦورن کي گرفتار ڪري روڪ رقم واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button