سنڌ

تنگواڻي ۾ گهر اڳيان راند کيڏندڙ معصوم ٻار اغوا، احتجاجي ڌرڻو

تنگواڻي شهر مان گهر اڳيان راند کيڏندڙ اڍائي ورهين جي معصوم ٻار کي موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربند اغوا ڪري کڻي ويا. واقعي خلاف معصوم ٻارڙن جي وارثن انڊس ها وي تي ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي ڌرڻو هنيو. تنگواڻي شھر ۾کراڻي پاڙي مان گهر اڳيان راندکيڏندڙ اڍائي ورهين جي معصوم ٻار مسرور پٽ فاروق بکراڻي کي موٽرسائيڪل سوار 2 هٿياربند اغوا ڪري ويا. معصوم ٻار جي دانهن تي وارثن پيڇو ڪيو پر هٿياربند فرار ٿي ويا. معصوم ٻار جي اغوا واري واقعي بعد وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو. ٻئي طرف وارثن معصوم ٻار جي بازيابي لا ڪنڌڪوٽ-شڪارپور نيشنل ها وي تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي احتجاجي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري روڊ جي ٻنهي پاسي گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي معصوم نينگر جي پي فاروق بکراڻي وارثن مشتاق احمد، منظور احمد، سليمان ۽ ٻين دانهيندي چيو ته هٿياربند پوليس جي نااهلي ڪري معصوم پٽ کي ڏينهن ڏٺي جو اغوا ڪري کڻي ويا آهن. جيڪڏهن پوليس فوري طور تي هٿياربندن جو پيڇو ڪري ته معصوم نينگر بازياب ٿي وڃي ها ۽ ڏوهاري پڪڙجي وڃن ها. هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي، انھي دوران پوليس عملدارن پھچي ڌرڻو ختم ڪرائڻ لا بکراڻي برادري جي ماڻھن سان ڳالھيون ڪيون. ڌرڻي ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن به شرڪت ڪئي. بکراڻي برادري ٻن ڏينهن جي مھلت ڏيئي ڌرڻو ختم ڪيو. هنن چتا ڏنو ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر اسان جو معصوم ٻار بازياب نه ٿيو ته پو سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button