ڏوڪري ويجهو موهن جو دڙو صحت جي مرڪزي سينٽر ۾ 3 مهينن کان ڊاڪٽر ۽ ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري برسات متاثرن احتجاجي مظاهرو ڪيو. جڏھن ته مريض بيمارين جو علاج ڪرائڻ بنا واپس هليا وڃن ٿا. موهن جو دڙو بنيادي صحت مرڪزي سينٽر ۾ 3 مهينن کان ڊاڪٽر مقرر نہ ٿيا آھن. جڏھن ته اڪثر مريض خانگي اسپتالن جو رخ ڪرڻ لڳا آھن. آيل مريضن سگهڙ غلام رسول مڱريو، مزمل مشوري، رفيق جوڻيجو، طفيل مڱريو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته برسات متاثر آهيون، سرڪاري سطح تي علاج جون سهولتون فراهم ڪري اسان جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close