پاڪستانسنڌ

ملڪي سالميت لا بلاول جا هٿ مضبوط ڪيو:مولا بخش چانڊيو

پاڪستان پيپلز پارٽي پاران 55هين يوم تاسيس جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ ريڊيو پاڪستان سامهون جلسو ڪوٺايو ويو، جلسي کي پ پ حيدرآباد جي صدر صغير قريشي چيو ته مقابلو سخت آھي، حيدرآباد جي عوام سڄاڳ رهي، اڄ به ورڪر بلاول ڀٽو کي وزيراعظم ڏسڻ چاهين ٿا، بلدياتي چونڊن ۾ مخالفن کي اميدوار ئي نٿا ملن. پ پ اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي رهيا آھن. ايندڙ اليڪشن ۾ حيدرآباد جو ميئر پيپلزپارٽي جو ڪامياب ٿيندو. سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو ته پ پ ۾ شھيدن جون خون آھي. هي پارٽي 55سال اڳ ٺھي هي، بدنصيب آھن جن وٽ ليڊر ئي ڪونهي. پ پ ساڳي جاهه ۽ جلال سان ايندي. جن جن ماڻھن کي پاڪستان جي سالميت پياري آھي اهو اچي بلاول ڀٽو جا هٿ مضبوط ڪري. بلاول ڀٽو اچي ويو آھي. بلاول ڀٽو جهڙو سهڻو ليڊر انهن وٽ ناهي. دشمنو خوش نه ٿيو. اسين سڀ گڏ آھيون. پ پ ايم اين اي طارق شاهه ڄاموٽ چيو ته ڀلي ڪيتريون ريليون نڪرن پ پ زندهه رهندي. ايم پي اي عبدالجبار خان چيوته حيدرآباد پيپلزپارٽي جو شھر آھي. ايندڙ ميئر پيپلزپارٽي جو هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button