سنڌ

لياقت علي خان جو پٽ لاڏاڻو ڪري ويو،شرجيل ميمڻ طرفان ڏک جو اظهار

پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان جو پٽ اڪبر لياقت علي خان وفات ڪري ويو آهي. هوڏانهن سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ شهيد ملت لياقت علي خان جي فرزند اڪبر لياقت علي خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته هو سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. الله تعالیيٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button