سنڌ

ڊکڻ ۾ هٿياربندن جي رائيس مل جي ڪانٽي ۽ ٽرانسفارمر تي ڇتي فائرنگ

ڊکڻ ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم هٿياربند ٿهيم رائيس مل جي ڪانٽي ۽ ٽرانسفارمر تي ڇتي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. هٿياربند واپاري ۽ سيلر مالڪ عزيز الله ٿهيم جي ڪانٽي ۽ ٽرانسفارمر تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. جڏهن ته ٽرانسفارمر ۾ گوليون لڳڻ سبب لکين رپين جو نقصان ٿيو. اطلاع ملڻ تي ڊکڻ پوليس پهچي واردات واري هنڌ جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڪانٽي مالڪ ٻڌايو ته رات دير سان نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري ٽرانسفارمر ساڙي ڇڏيو آهي، جڏهن اسان جي ڪانٽي کي به گوليون هنيو ويون آهن، اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي. ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏياري. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڊکڻ وڪيل احمد جعفري چيو ته فائرنگ جو اطلاع مليو آهي، واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي جلد گرفتار ڪري سزا ڏني ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button