سنڌ

قاضي احمد ۾ نوجوان جو پوليس چوڪي ڀرسان لاش مليو،اهلڪارن تي الزام

قاضي احمد ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان جو پوليس چوڪي ڀرسان لاش مليو، جنهن جي وارثن اهلڪارن تي تشدد ذريعي قتل ڪرڻ جو الزام لڳائي روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو. تفصيل موجب قاضي احمد ڀرسان لاکاٽ روڊ تي پوليس چوڪي ڀرسان ڳوٺ حاجي دوست علي کوسو وٽ موٽر سائيڪل سوار لاکاٽ واسي 25 ورهين جي نوجوان اعجاز جتوئي جو رت ۾ ٻڏل لاش ھٿ آيو، اھڙي اطلاع تي قاضي احمد پوليس واقعي واري هنڌ پھچي نوجوان جو لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي پوسٽ مارٽم لا رورل هيلٿ سينٽر اسپتال منتقل ڪيو، جتي لاش جو پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو، ان دوران فوتي نوجوان جا وارث به اسپتال پهچي ويا، نوجوان جي ما حوا جتوئي، دلدار جتوئي ۽ ٻين پوليس اهلڪارن تي اعجاز جتوئي کي مارڻ جو الزام هنيو. هنن چيو ته اسان جو نوجوان ڳوٺ لاکاٽ مان موٽر سائيڪل تي قاضي احمد شھر اچي رهيو هو ته پوليس کيس روڪي تشدد ڪيو ۽ مٿي ۾ ڌڪ هڻي قتل ڪيو آھي. ٻئي طرف قاضي احمد ٿاڻي جي ايس ايڇ او وحيد شيخ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان موٽر سائيڪل تي سوار هو ۽ تيز رفتاري سبب موٽر سائيڪل وڻ سان ٽڪرائجڻ ڪري فوت ٿيو آھي، پوليس تي نوجوان کي مارڻ جو الزام بي بنياد آھي، ان کان اڳ لاکاٽ روڊ تي قائم ڪيل پوليس چوڪي تي مقرر اهلڪارن سان سندس منهن ماري ٿي هئي، جنهن سبب نوجوان جا وارث پوليس مٿان قتل جو الزام لڳائي رهيا آهن، اسان واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن فوتي نوجوان جي وارثن پوليس خلاف لاش روڊ تي رکي قومي شاھراھه کي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بلاڪ ڪري ڇڏيو، احتجاج سبب سکر کان ڪراچي ۽ حيدرآباد کان پنچاب ڏانهن ويندڙ گاڏيون بيھجي ويون. مبينا طور قتل ٿيل نوجوان اعجاز جتوئي جي وارثن قتل جو ڪيس قاضي احمد پوليس جي سپاهي خالد حسين راھو، آصف لاکو ۽ ٽن نامعلوم اھلڪارن تي داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، آخري اطلاعن تائين وارثن پاران پوليس جي ٻن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن بعد احتجاج ختم ڪري روڊ کوليو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button