خيرپور ضلعو ثقافتي ڏهاڙي تي ٽوپي اجرڪ جي انڊلٺي رنگن سان جرڪي پيو، اٺن ئي تعلقن جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ٻھراڙين ۾ سوين ننڍيون وڏيون ريليون ڪڍيون ويون، ڪيترائي ثقافتي پروگرام منعقد ڪيا ويا، خيرپور ضلعي جي سڀ کان وڏي ۽ مرڪزي ريلي خاڪي شاھه پل کان نڪتي جيڪا ڇٽي چوڪ وٽ پھتي ته ڪيتريون ئي ٻيون ريليون به مرڪزي ريلي ۾ شامل ٿي ويون. مرڪزي ريلي جي اڳواڻي جسقم جي سينيئر وائيس چيئرمين امجد میھيسر، اياز ڪورائي، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور شرجيیل احمد چنا ۽ ٻين ڪئي، جڏهن ته ثقافتي ويس پھريل معصوم ٻار به شريڪ ٿيا. ريلي کي خطاب ڪندي جسقم اڳواڻ امجد میھيسر چيو ته سنڌين لا اڄ عيد جو ڏينهن آهي، اسان قومي عيد سنڌ جي ٻچڙن جي نالي ڪريون ٿا. پيرڳوٺ ۾ مک تقريب پريس ڪلب سامهون منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين متحده فيڊريشن جي مرڪزي اڳواڻ فقير محمد اعظم مڱڻيجو، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ابوبڪر شاهھ، پرويز ميمڻ، سراج مڱڻيجو، علي حيدر شاھه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي. ٻين تنظيمن طرفان ريليون ڪڍيون ويون، جيڪي مک تقريب ۾ شامل ٿي ويون، جتي مشهور راڳين ثانيه علي، وقار سرمد، ماسٽر مشتاق جوڳي ۽ ٻين قومي گيت “سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار”، “ٽوپي اجرڪ زنده آباد”، “ڪات منهنجي ڪنڌ تي آئون نچندو اچان جيئي سنڌ جيئي سنڌ چوندو اچان” ۽ ٻيا قومي ڪلام ڳائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو. راضيديرو ۽ ڀرپاسي ۾ ثقافتي عيد شاندار نموني ملهائي وئي. يوٿ فورم راضيديرو جي اڳواڻن علي رضا جکڙ، قمبر سومرو، امجد علي ڪنڀر، شڪيل عباسي ۽ ٻين پاران مچ ڪچهري ڪرائي وئي، سگهڙن، اديبن ۽ شاعرن شعر بيت ڏور پيش ڪري واهه واهه ڪرائي ڇڏي. جڏھن ته راڳي فياض جويو ۽ فنڪارا شبانا سورٺ راڳ پيش ڪري نوجوانن کي جهومائي ڇڏيو. ھڱورجا ۾ به ثقافتي عيد تي شھرين جو سمنڊ اٿلي پيو. پريس ڪلب کان صحافي اتحاد خيرپور جي صدر غلام حسين چانگ، ڊي اي او عبدالسميع ڀنڀرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاندار ثقافتي ريلي ڪڍي وئي، ناصر گيٽ وٽ سماجي اڳواڻن اياز سولنگي، وزير ڀٽو ۽ ٻين گلن جي ورکا ڪري ھار پارايا. بعد ۾ ريلي مختلف رستن کان ٿيندي ڌرتي ھوٽل تي پھتي جتي صوفياڻي راڳ جي محفل مچائي وئي، جنهن ۾ صوفي فنڪار سھراب فقير جي شاگردن فقير امتياز، رحمان ميراڻي، پپو گل جوکيو ۽ ٻين فنڪارن قومي گيت ۽ صوفياڻا ڪلام پيش ڪيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close