سنڌ

حيدرآباد ۾ ثقافت جا رنگ رچي ويا،قومي گيتن سان ڌرتي کي سلامي

سنڌ جو ثقافتي ڏھاڙو حيدرآباد ضلعي ۾ ڀرپور نموني سان ملھايو ويو. ھرطرف سنڌ جا خوبصورت رنگ رچي ويا، ھرطرف سنڌي ٽوپي اجرڪ پٽڪن سان ننڍا وڏا خوشي ۾ مرڪي پيا، حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي جي شهرن هوسڙي، سيري، بهاول زئور، چکي، ٽنڊو عالم مري، ٽنڊو فضل، ٽنڊو حيدر سميت ڳوٺن ۾ ثقافتي انڊلٺي رنگن جا تجلا رهيا، هر طرف قومي گيتن تي رقص ڪري ڌرتي ما کي سلام پيش ڪيو ويو. قومپرست، سياسي سماجي ادبي صحافتي حلقن سميت شھرين طرفان ريليون ڪڍيون ويون، جيئي سنڌ نعرن سان ريليون مختلف رستن کان ٿينديون حيدرچوڪ، پريس ڪلب، سنڌ ميوزيم تي پھتيون، حيدرآباد ضلعي جي چئني تعلقن حيدرآباد شھر، لطيف آباد، قاسم آباد ۽ حيدرآباد تعلقي ٻھراڙي ۾ ڀرپور نموني سان ثقافتي ڏينهن ملهايو ويو. ڪارن موٽرسائيڪلن تي سڄو ڏينھن ريلين جو سلسلو جاري رهيو. قاسم آباد جي مختلف رستن تي پ پ، قومي عوامي تحريڪ، جسقم، ايس ٽي پي، عوامي تحريڪ، ايس يو پي، فنڪشنل ليگ، پ پ شهيد ڀٽو سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين جون ريليون قاسم آباد کان ٿينديون گدو چوڪ پھتيون. گدو چوڪ کان ٿڌي سڙڪ واري روڊ کان ٿينديون گل سينٽر حيدر چوڪ گول بلڊنگ کان ٿينديون پريس ڪلب پھتيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button