سنڌ

ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف ٿر شاگرد سٿ جو احتجاجي مظاهرو

ٿر شاگرد سٿ پاران ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف شاگردن ٽوپي اجرڪ پائي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن محبوب جوڻيجو، خان محمد سميجو، گلاب مهر، عبدالرحيم جوڻيجو، سرور هاليپوٽو، ربنواز شاهد، هشمت سجاد، مصطفيٰ منظور ۽ ٻين چيو ته ڪارونجهر جبل اسان جو قومي سرمايو آهي، ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ڪري سندس سونهن ختم ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي کي ان جي بيحرمتي سمجهون ٿا، ڪارونجهر جبل سان هٿ چراند ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، ڪارونجهر جي بچاءُ لاءِ قومي شعور رکندڙ ماڻهن کي اپيل ڪريون ٿا ته هو ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف سندن آواز ۾ آواز شامل ڪن. ڪارونجهر سنڌ جي سونهن ۽ ٿر جو تاج آهي. ڪارونجهر جي ڪٽائي بند ڪئي وڃي. هنن چيو ته مقامي چونڊيل نمائندن جي آشيرواد سان ڪارونجهر کي مسمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي فوري طور بند ڪرائي وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button