سنڌ

پ پ سدائين ميڊيا جي بهتري لاءِ پاليسون جوڙيون آهن:شرجيل ميمڻ

اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سکر، ميرپور خاص پريس ڪلبن ۽ سکر يونين آف جرنلسٽس کي سنڌ حڪومت پاران سالياني گرانٽس جا چيڪ ڏئي ڇڏيا. سکر پريس ڪلب کي 5 ملين روپيا، ميرپورخاص پريس ڪلب کي 5 ملين روپيا ۽ انڊومينٽ فنڊ مان سکر يونين آف جرنلسٽس کي پڻ 5 ملين روپين جو چيڪ پيش ڪيو. سکر پريس ڪلب ۽ سکر يونين آف جرنلسٽس جو چيڪ پي ايف يو جي فنانس سيڪريٽري لالا اسد پٺاڻ، صدر ايس يو جي سليم سهتو ۽ پريس ڪلب جي صدر شهزاد تاباني وصول ڪيا. جڏھن ته نظير پنهور صدر ميرپورخاص پريس ڪلب، عاطف بلوچ جنرل سيڪريٽري، شوڪت پنهور ۽ واحد پهلواني ميمبر گورننگ باڊي ميرپورخاص پريس ڪلب جي سالياني گرانٽ جو چيڪ وصول ڪيو. سنڌ جي اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري عمران عطا سومرو، ڊائريڪٽر ايڊمن محمد يوسف ڪابورو، ريجنل ڊائريڪٽر انفارميشن ميرپورخاص حزب الله ميمڻ، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن سيد حسن نقوي ۽ ٻيا ان موقعي تي موجود هئا. صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت صوبي جي سمورن پريس ڪلبن ۾ سهولتن جي فراهمي لاءِ ڀرپور سهڪار ڪري رهي آهي، صحافين جي مسئلن جو حل سنڌ حڪومت جي ترجيح ۾ شامل آهي، پريس ڪلبن کان علاوه صحافتي تنظيمن کي پڻ ڀرپور معاونت فراهم ڪري رهيا آهيون ته جيئن صحافين جي ڀلائيءَ جي ڪمن کي يقيني بڻائي سگهجي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جون خاص هدايتون آهن ته صحافين جا مسئلا حل ڪيا وڃن، پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه ميڊيا کي هٿي وٺرائڻ ۽ ميڊيا ورڪرن جي بهتري لاءِ پاليسون ڏنيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button