پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ ڪٽ بند نه ڪرڻ خلاف ايس يو پي جو مارچ

ميھڙ: ميھڙ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن مطالبن جي مڃتا لا ٿيندڙ احتجاج کي ھڪ مھينو پورو ٿيڻ بعد ايس يو پي آفيس بائي پاس کان 2 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري مختلف رستن کان ٿيندي روينيو آفيس پهچي مختيارڪار ميھڙ ۽ سماجي تنظيم جي اڳواڻ ارباب جھتيال جي پتلن کي باهھ ڏئي ساڙي ڇڏيو. ان موقعي تي ايس يو پي ضلعي دادو جي صدر سڪندر سوڍر، حاجي خان مارفاڻي، حبيب حضوري، عبدالمجيد سوڍر ۽ ٻين آزاد پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته مھا ٻوڏ کي 3 مھينا گذري چڪا آهن، پر ھن وقت تائين ھٿرادو ڏنل ڪٽ بند نه ٿي سگھيا آهن، ٻوڏ متاثرن لا آيل راشن ڊي سي دادو جو رکرايل مختيارڪار ميھڙ ۽ مختلف تنظيمن جي ملي ڀڳت سان ھڙپ ڪيو ويو آهي. ھنن چيو ته ڪڻڪ جو ٻج به من پسند ماڻھن کي ڏنو وڃي ٿو، پر ٻوڏ متاثر آبادگارن کي خالي آسرا ڏئي موٽايو وڃي ٿو. ھنن اعلى ادارن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته ميھڙ ۾ ٻوڏ دوران ڏنل ڪٽ فوري بند ڪري ٻوڏ جو پاڻي زمينن مان نيڪال ڪري ٻوڏ متاثرن کي ڪڻڪ جو ٻج، راشن، خيما ۽ مڇردانين سميت صحت جون سھولتون فراھم ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button