سنڌ

”پٽ جا قاتل گرفتار ڪريو“ باقراڻي واسي پيرسن جو احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ تعلقي باقراڻي جي ڳوٺ اسحاق کونهارو جي رهواسي پيرسن 15 سال اڳ قتل ٿيل پٽ جي خون سان انصاف لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن علي محمد ابڙو دانهيندي چيو ته سال 2007ع ۾ نوجوان پٽ علي اڪبر ابڙو کي خيرپور جي ڳوٺ ملان صالح جي رهواسي بااثر جوابدار عبدالرزاق موجائي سندس سئوٽ الھڏنو موجائي ۽ ٻين سڱاوتي معاملي تان قتل ڪيو هو، قتل جو ڪيس باقراڻي ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي پر 15 سال گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، پوليس ڳري رشوت وٺي پٽ جو خون لوڙهي ڇڏيو آهي، انصاف لاءِ در در ڀٽڪڻ سان گڏ مسلسل احتجاج ڪري رهيو آهيان، پر هن وقت تائين مون کي انصاف نه ملي سگهيو آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button